12 پیر , نومبر 2018

پرويز مشرف ڏيهه واپس آيو ته وڏي ڏکيائي ۾ ڦاسي پوندو: شيخ رشيد

The decision which he wanted to make a NCP politics became his political death: Sheikh Rashidاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جيڪڏهن پرويز مشرف ڏيهه واپس موٽيو ته وڏي ڏکيائي ۾ ڦاسي پوندو. هڪ انٽرويو ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته قاضي فائز عيسيٰ اهو نه چيو هو ته مون کي نااهل ڪيو وڃي، هن اهليت ۽ نااهليت جي فيصلي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته مان قبضا گروپ، ٽيڪس چور يا وري مني لانڊر نه آهيان ۽ نه وري مان ڪنهن کان قرص حاصل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته وڏي ڪاميابي لاءِ وڏن خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ماڻهو منهنجي سياسي موت جو انتظار ڪري رهيا آهن، راڻا ثناءَ الله چيو هو ته شيخ رشيد نااهل ٿي ويندو. شيخ رشيد احمد چيو ته جيتوڻيڪ منهنجي تڪ ۾ ن ليگ جو ووٽ وڌيڪ آهي پر اسان وڏي ليڊ سان ڪاميابي حاصل ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان سان ايترو ڳنڍيل رهيس جو پنهنجي پارٽي تي ڌيان نه ڏئي سگهيس، ڪوشش آهي ته هن ڀيري عمران خان جي حڪومت ٺهي وڃي، جنگ ۽ سياست ۾ پنهنجي جاءِ ۽ دشمن جي طاقت جو غلط اندازو نه لڳائڻ گهرجي مون کي پڪ آهي ته ختم نبوت سبب مان ٻنهي تڪن مان هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے