17 ہفتہ , نومبر 2018

آرمي چيف ، سياسي شخصيتن پاران بيگم ڪلثوم نواز جي جلد صحتيابي لاءِ دعا

لاهور(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  بيگم ڪلثوم  نواز جي صحتيابي لاءِ  ميان نواز شريف ۽ ڪٽنب  کي خاص پيغام  ۾ ان جي جلد صحتيابي  لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي . اڳوڻي اپوزيشن ليڊر  خورشيد شاهه  بيگم ڪلثوم نواز لاءِ نيڪ خواهشن  جو اظهار  ڪندي چيو  آهي ته  هو دعاگو آهن الله تعاليٰ  بيگم ڪلثوم نواز کي جلد  ۽ مڪمل صحتيابي  عطا ڪري .  ماضَي ۾ جمهوريت  لاءِ بيگم ڪلثوم نواز به تمام گهڻي جدوجهد ڪئي .  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به بيگم ڪلثوم نواز  جي جلد صحتيابي  لاءِ دعا ڪندي چيو ته ڀٽو خاندان  ۽ پيپلزپارِ  ڪلثوم نواز  جي صحتيابي  لاءِ دعاگو  آهي .  الله تعاليٰ  بيگم ڪلثوم نواز  کي بهتر صحت  ۽ وڏي ڄمار عطا فرمائي .اڳوڻيقومي اسيمبلي جي اسپيڪر  سردار اياز صادق چيو ته الله تعاليٰ بيگم ڪلثوم نواز  جون ڏکيائيون آسان فرمائي .  چوڌري نثار علي خان چيو ته  بيگم ڪلثوم نواز وڏي همت سان بيماري جو مقابلو ڪيو  آهي .الله تعاليٰ ان کي صحت عطا فرمائي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے