19 پیر , نومبر 2018

ٽسوري مائنس، ايم ڪيو ايم پي آءِ بي ۽ بهادر آباد گڏجي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پي آءِ بي ۽ ايم ڪيو ايم بهادر آباد متحد ٿي ويا، جڏهن ته فاروق ستار ۽ سندس ساٿين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي پارٽي سربراهه قبول ڪندي لغڙ جي نشان تي گڏجي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ڊاڪٽر فاروق ستار کي بهادر آباد اچڻ جي دعوت ڏني جنهن تي سينئر اڳواڻ پنهنجي ساٿين سميت ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز وڃڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. اليڪشن ۾ هڪ منشور ۽ لغڙجي نشان تي حصو وٺڻ جو به گرين سگنل ڏئي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم پي آءِ بي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي قبول ڪندي پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ جو اختيار به رابطا ڪميٽي کي ڏئي ڇڏيو آهي پر بهادر آباد واضح ڪيو آهي ته فاروق ستار ڪنهن کي به وٺي اچي پر ڪامران ٽسوري ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي علي رضا عابدي تصديق ڪئي ته بهادر آباد وڃڻ جو فيصلو مشوري سان ڪيو ويو، ووٽرن، حامين ۽ ڪارڪنن جي اها ئي خواهش آهي ته چونڊ لغڙ جي نشان تي وڙهي وڃي ۽ فاروق ستار به ان تي راضي آهي.  هن چيو ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو ويندو، ڪنهن به ڪارڪن خلاف خالد مقبول صديقي ڪارروائي جو حق رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪيو ويندو، متحده جي جاءِ وٺندڙخواهشمند پارٽين کي به ڀرپور جواب ڏنو ويندو، هڪ قائد، هڪ نشان ۽ هڪ نشان تي چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل جوابدار جي عدم بازيابي تي گهرو ۽ بچاءَ جي سيڪريٽرين تي 20 لک ڏنڊ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل جوابدار جي عدم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے