20 منگل , نومبر 2018

نيوز: سن:روڊ حادثي ۾ پيءُ ۽ پٽ فوت،ڳوٺاڻن عيد جا اوڍيل ويس لاهي ڇڏيا

SANN: In the road accident, father and son died, villagers lost their homelandسن  ويجهو  انڊس هاءِ وي تي ڪار جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار  پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا ، ڳوٺاڻن عيد جا اوڍيل نوان ويس لاهي ڇڏيا .

ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڳوٺ الهبچايو کوسو کان عيد نماز پڙهڻ لاءِ سن ويندڙ موٽر سائيڪل سوار کي سيوهڻ کان حيدرآباد  ويندڙ  ڪار  ٽڪر  هنيو .

حادثي جي نتيجي  ۾ فيروز کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويو  جڏهن ته غلام مصطفيٰ کوسو زخمي ٿي پيو .

 فوتي جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو  جتي زخمن جا سور نه سهندي غلا مصطفيٰ به فوت ٿي ويو .

فوتين جا مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته سموري ڳوٺ جي عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون .

ڳوٺاڻن عيد جا اوڍيل نوان ويس لاهي پراڻا ڪپڙا پهري ڇڏيا ۽ فوتين کي آلين اکين سان  مٽي ماءُ حوالي ڪيو ………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے