13 منگل , نومبر 2018

افغان صدر اشرف غني طالبان سان جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغان حڪومت طالبان سان جنگبندي ۾ هڪ طرفي طور واڌ جو اعلان ڪيو آهي. افغان صدر اشرف غني ٽي وي تي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت طالبان سان جٽادار ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان سمورا مسئلا ۽ مطالبا جيڪي سامهون رکيا ويندا تنهن تي پرامن ڳالهين لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته مقدس مهيني رمان المبارڪ جي پڄاڻي تي عيد الفطر جي موقعي تي طالبان ۽ حڪومتي فورسز هڪ ٻي سان ڳلي مليا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان امن چاهيون ٿا. اشرف غني چيو ته حڪومت ڪجهه طالبان قيدين کي آزاد ڪيو آهي ۽ جنگبندي دوران طالبان ويڙهاڪ طبي ۽ انساني امداد حاصل ڪري سگهن ٿا، قيد ۾ طالبان پنهنجي خاندانن سان ملاقات ڪري سگهن ٿا. ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جو چوڻ  آهي ته امن ڳالهين ۾ عالمي فورسز ۽ ڌرين جي ڪردار بابت به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا ڌرين سان امن ٺاهه ۽ سياسي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان جنگ جو مستقل طور خاتمو ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے