15 جمعرات , نومبر 2018

پنجاب، ڪي پي ۽ مٿين علائقن ۾ برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پنجاب، ڪي ۽ مٿين علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن عيد الفطر جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. وچ پنجاب، ڪي پي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ عيد جي ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن شديد گرمي سبب ڪومايل چهرن تي خوشي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي آهي اتي عيد جي خوشين کي به ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن جي وڏي انگ عيد جي موڪلن ۽ دلفريب موسم مان مذو وٺڻ لاءِ تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو آهي. مري،گليات، ناران ۽ شوگران ۾ برسات کانپوءِ سياحن جي وڏي انگ خوبصورت وادين جو سير ڪيو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات سبب رابطا روڊ بند ٿي ويا آهن جنهن ڪري سياحن کي شديد ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي. ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ به موسم جهڙالي آهي جڏهن ته سمنڊ طرفان هلندڙ هوائن سان موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. ماڻهن جي وڏي انگ سمنڊ ڪناري ۽ ٻين پنڪ پوائنٽس جو رخ ڪيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جو سلسلو سومر تائين جاري رهندو، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ موسم بدستور خشڪ رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس: انور مجيد ۽ حسين لوائي جي وڌيڪ رمانڊ تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي انور مجيد، حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے