18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |باڊهه : مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي

باڊھ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري سڌير سرگاڻي جو لاش سندس امڙ ۽ گهر واري باڊھ اسپتال مان پوليس کان وصول ڪري لاڙڪاڻو جي الله آباد محلي ڏانهن کڻائي ويون جتي کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .

ان موقعي تي مبيان مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي  امڙ چيو ته لاڙڪاڻو پوليس سندس پٽ لي  گهر کنڀي وئي .

هن الزام هنيو ته پوليس سندس پٽ سڌير کي   باڊهه ۾ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو آهي.

ٻئي طرف باڊھ پوليس جو چوڻ  آھي ته  هو باڊھ راڌڻ روڊ تي گشت تي  هئا ته اوچتو ٽي هٿياربند ڦورو روڊ تي چڙھي آيا.

پوليس ٻڌايو ته ڦورن اسان مقابلو ٿيو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سڌير مارجي ويو جڏهن ته سندن ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري مٿان لاڙڪاڻو شھر جي مختلف ٿاڻن تي ڦر ڌاڙن سميت ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن.

هوڏانهن پوليس مقابلي جو ڪيس باڊھ ٿاڻي تي سڌير ۽ سندس ٻن نامعلوم ساٿين خلاف داخل ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ڪانووڪيشن تقريب

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ڪانووڪيشن تقريب

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے