16 جمعہ , نومبر 2018

ڪيس يا ڏاڍ نواز شريف جي ساٿين جو رستو نه ٿا روڪي سگهن: سعد رفيق

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ ريلوي واري اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته مسلم ليگ ن قيادت تي ڪيس يا ڏاڍ نواز شريف جي ساٿين جو رستو نه ٿا روڪي سگهن ڇو ته قوم ساڻس گڏ آهي، مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق جي آفيس ڪيولري ميدان لاهور ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق سميت پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي صحتيابي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي. ان موقعي تي خواجه سعد رفيق چيو ته مسلم ليگ ن جي قيادت خلاف سازشن، الزامن، بهتان ۽ ڪوڙ جي ڌوڙ اڏائي وئي، ڪيس ۽ ڏاڍ ميان نواز شريف جي ساٿين جو رستو نه ٿا روڪي سگهن ڇو ته قوم ساڻن گڏ آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ کي اونداهين ۾ وٺي وڃڻ چاهين ٿا اسان کين شڪست ڏينداسين. ان موقعي تي اياز صادق چيو ته مسلم ليگ ن عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪيو آهي ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

PM Imran disqualification: Lawyer asked to present arguments for petition to be maintainable

وزير اعظم سان وس وارن جي ملاقات، 5 پناهه گاهن جي تعمير جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وس وارن ماڻهن وزير اعظم جي لاهور ۾ هلندڙ اعلان ڪيل 15 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے