18 اتوار , نومبر 2018

هوائي سفر پاڪستاني شهرين لاءِ وڌيڪ مشڪل، ٽيڪس ۾ اضافو

PIA closure of the financial crisisاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عام پاڪستاني رڳو حج ۽ عمري لاءِ هوائي سفر ڪندا آهن جڏهن ته هوائي سفر مهانگو هئڻ سبب اندرون ملڪ به زميني آمدرفت کي اوليت ڏني ويندي آهي، اڪانامي ڪلاس ۾ سفر ڪندڙن لاءِ هوائي سفر وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ اوچتو ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايئر لائن آپريٽرز ڪميٽي طرفان لڳل بينرن موجب سول ايوي ايشن اٿارٽي پاڪستان جي نوٽيفڪيشن تحت سمورن مسافرن کان هيٺ ڄاڻايل چارجز 16 جون 2018 کان وصول ڪيا ويندا، ڀلي سندن ٽڪيٽون پهريون ئي بڪ ٿيل ڇو نه هجن. فرسٽ ڪلاس ٽڪيٽ ۽ بزنس ڪلاس تي 3، 3هزار رپيه، اڪانومي ڪلاس تي1500رپيه وصول ڪيا پيا وڃن پر هاڻي اڪانومي ڪلاس تي ٽيڪس ۾ پنج سئو رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن بعد اها ٽيڪس وڌي 2000 رپيه ٿي وئي آهي. اها ٽيڪس سمورن ايئر لائنز جي مسافرن تي لاڳو ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے