16 جمعہ , نومبر 2018

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف

لاهور :  ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن ، جنهن سبب  ماڻهن ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي .فيصل آباد،  بهاولپور، ڊي جي خان، ملتان  ۽ ڏکڻ پنجاب سميت  ملڪ جي مختلف  شهرن ۾  زلزلي جا شديد لوڏا  محسوس ڪيا ويا آهن .  جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ڇائنجي ويو . ۽ ماڻهو ڪلمو طيب جو ورد ڪندا رهيا . ريڪٽر اسڪيل  تي زلزلي جي شدت  5 ڏهائي 3 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي  جو مرڪز  ڊي جي خان کان 42 ڪلوميٽر اولاهه طرف هو . ملتان ۾ ريسڪيو انچارج ڊاڪٽر ڪليم  چيو ته زلزلي  جي لوڏن کانپوءِ ريسڪيو  کي الرٽ ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ڪنهن قسم جي ايمرجنسي رپورٽ ناهي  ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ 20 ربيع الاول تائين قلم 144 لاڳو، ٻيلهه سواري تي به پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ ۾ 20 ربيع الاوال تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے