21 بدھ , نومبر 2018

پي ٽي آءِ چوڌري نثار سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

 PTI rejects set adjustment with Chaudhry Nisarلاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف ن ليگ جي ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار سان چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پهريان ئي پارٽي جي سينيئر نائب صدر غلام سرور خان کي 4 مان ٽن سيٽن تي چوڌري نثار خلاف باضابطا طور اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.فواد چوڌري سيٽ ايڊجسٽمينٽ واري تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته چوڌري نثار نه ته تحريڪ انصاف جو حصو آهي ۽ نه ئي ان سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي آهي، جڏهن ته هو آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان ڪشميري اڳواڻ حفيظ الله مير جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے