15 جمعرات , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ ۾ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ فراهم ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي

In the Supreme Court, hearing about the cases for providing the identity cards to the poor peopleلاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيمٽي قائم ڪري ڇڏي، جيڪا 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ لاهور رجسٽري ۾ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ياد رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار عيدالفطر جي پهرين ڏينهن لاهور جي فائونٽين هائوس جو دورو ڪيو هو، جتي کدڙن فقيرن سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ جي حوالي سان شڪايت ڪئي هئي. جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻمرادي نوٽيس وٺندي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اختيارين سميت اخوت فائونڊيشن جي امجد ثاقب کي اڄ طلب ڪيو هو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ٻاهران موجود کدڙن فقيرن چيف جسٽس جي پاڻمرادي نوٽيس کي تاريخي ڏينهن قرار ڏنو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي کدڙن فقيرن چيو ته رڳو سڃاڻپ ڪارڊ جو مسئلو ناهي، کين سرڪاري نوڪريون پڻ ڏنيون وڃن. جيئن معاشرو کين عزت جي نگاهه سان ڏسي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے