18 اتوار , نومبر 2018

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ شفاف ترين اليڪشن ٿيندي: سعيد غني

Election will be held in Karachi for the first time: Saeed Ghaniڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2018 جون عام چونڊون شفاف ترين ثابت ٿينديون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت بڻجي اڀرندي.  ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو ته 2018 جي عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي مان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ سيٽن ڪاميابي حاصل ڪندي، سڀئي گڏجي ڪري به پيپلز پارٽي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي ووٽ مشين هن ڀيري ڪم نه ڪري سگهندي، هن ڀيري ڪراچي جي تاريخ جون شفاف چونڊون ٿينديون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت ثابت ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي جي عوام کي بنيادي سهولتن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڄام ڪمال

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے