20 منگل , نومبر 2018

افتخار چوڌري ملڪ جي نظام لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي: فواد چوڌري

Iftikhar Chaudhry has become unconstitutional for the system: Fawad Chaudhryاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي هو افتخار چوڌري جي ڪردار کان واقف آهي هو عمران خان جي خلاف رائيونڊ جو ڪم ڪري رهيو آهي، افتخار هن نظام لاءِ هڪ ناسور بڻجي ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري مٿان ڪڙڪي پيو ۽ مٿس ڇتي تنقيد ڪئي، فواد چوڌري چيو ته افتخار چوڌري پنهنجي پٽ کي ايجنٽ مقرر ڪيو آهي، ارسلان افتخار جو ڪيس نيب جي حوالي ڪيو ويو آهي، پر ڪاروائي نه ٿي سگهي، ٻنهي پيءُ پٽ اربين رپين ڪمايا ۽ بعد ۾ افتخار چوڌري پاڻ جج بڻجي پنهنجي پٽ جو ڪيس ٻڌڻ ويهي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته افتخار چوڌري جو ن ليگ سان گڏ 2013 ۾ معاهدو ٿيو، پهرين ن ليگ جي خلاف ڳالهايو بعد ۾ چپ ٿي ويو، نواز شريف افتخار چوڌري جي صدر بڻائڻ جو واعدو ڪيو پر پوءِ ان واعدي تان ڦري ويو. پر هاڻ افتخار چوڌري کي عمران خان جي خلاف ڳالهائڻ لاءِ سامهون آندو ويو آهي هو ٻيهر عمران خان خلاف رائيونڊ جو ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايڊن هائوسنگ سوسائٽي ۾ عوام جي اربين رپين لٽي ويو، افتخار چوڌري ملڪ جي نظام لاءِ هڪ ناسور بڻجي ويو آهي. نواز شريف جي خلاف احتساب عدالت ۾ جاري ڪيسن جي حوالي سان هن چيو ته الله تعاليٰ بيگم ڪلثوم نواز کي صحت عطا ڪري، شريف خاندان سان اسان جو ڪو ذاتي جيهڙو ناهي، نواز شريف ۽ ان جا وڪيل ڪيسن ۾ ديري جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، نواز شريف قومي ڏوهاري آهي انصاف ٿيندو نظر اچڻ گهرجي، پر شريف فيملي طرفان مختلف حربا استمال ڪرڻ سبب کين ڪيسن ۾ سزا ناهي ملي رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوئيٽا ۾ بي آر اي ڪمانڊر سميت 70 ويڙهاڪن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان ريپبلڪن آرمي جي ڪمانڊر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے