16 جمعہ , نومبر 2018

کدڙن سان بدتميزي برداشت نٿي ڪري سگهجي: چيف جسٽس

Dr. Saeed has come to Pakistan with the interest of the people, he has extensive experience in his field: Chief Justice لاهور(ويب ڊيسڪ)چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کدڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪندي چيو آهي ته کدڙن سان بدتميزي ۽ ڇيڙڇاڙ برداشت نٿي ڪري سگهجي.سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار عيد جي ٽئين ڏينهن تي عدالت لڳائي ۽ ٻه رڪني بينچ کدڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏيڻ بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي وفاقي سيڪريٽري قانون ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيا.سپريم ڪورٽ کدڙن کي 15 ڏينهن اندر سڃاڻپ ڪارد ڏيارڻ بابت ڪميٽي جوڙيندي فوري طور سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته کدڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ ون ونڊو طريقي سان ٺهڻ گهرجن ۽ مان پاڻ ان عمل جي نگراني ڪندس، کدڙن کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون.چيف جسٽس چيو ته جيستائين انهن کي عدالتي تحفظ نه ملندو انهن جا معاملا حل نه ٿي سگهندا، کدڙن سان بدتميزي ۽ ڇيڙڇاڙ برداشت نٿي ڪري سگهجي، جن کدڙن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ آهن، انهن کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي، کدڙا معاشري جو اهم حصو آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

New Zealand opt to bat against Pakistan in Abu Dhabi Test

ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالرن جو راڄ نيوزيلينڊ جي ٽيم 153رنسن تي ڍير

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ٽن ٽيسٽ ميچن جي سريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے