15 جمعرات , نومبر 2018

عائشه گلالئي جا نامزدگي وارا ڪاغذ چيلينج، آر او اعتراض ڪندڙ ۽ عائشه گلالئي کي گڏ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخدوم نياز انقلابي ايڊووڪيٽ عائشه گلالئي جي نامزدگي وارن ڪاغذن کي چيلينج ڪندي اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيا، جنهن تي ريٽرننگ آفيسر عائشه گلالئي کي اعتراضن واري ڪاپي ڏيندي اعتراض ڪندر ۽ عائشه گلالئي کي گڏ طلب ڪري ورتو. تفصيل موجب عائشه گلالئي جي نامزدگي وارن ڪاغذن کي چيليج ڪندي اعتراض ڪندڙ جو چوڻ هو ته عائشه گلالئي تڪ جي عوام جي مفادن ۾ اليڪشن ناهي وڙهي رهي، هوءَ عمران خان تي اڻ وڻندڙ ۽ غير اخلاقي ميسيجن جو ثبوت ناهي ڏئي سگهي ۽ نه ئي هن الزامن تي ڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي. اعتراض ڪندڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته عائشه گلالئي آرٽيڪل 62، 63 تي پوري ناهي لٿي، پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ جي لاء عوام کي ميسيج ڏيکاري. ان تي عائشه گلالئي جو چوڻ هو ته منهنجن اثاثن ۾ واڌ ٿي آهي، مون هڪ هفتو پهرين بينڪ اڪائونٽ کولرايو آهي. ريٽرننگ آفيسر عائشه گلالئي کي اعتراضن جي ڪاپي ڏيندي اعتراض ڪندڙ ۽ عائشه گلالئي کي گڏ طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے