20 منگل , نومبر 2018

تيلگو فلمن جي اداڪارائن کي آمريڪا ۾ جسم فروشي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي تيلگو فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارائن کي آمريڪا۾ جسم فروشي جي لاءِ استعمال ڪرڻ واري اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي. ڀارتي نيوز ويب سائيٽ هندوستان ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال اپريل ۾ آمريڪي شهر شڪاگو مان ڀارتي فلم پروڊيوسر موگو گومودي ڪشن ۽ سندس گهواري چندرا کي گرفتار ڪيو ويو هو جيڪي اداڪارائن کان جسم فروشي جو ڌنڌو ڪرائي رهيا هئا. رپورٽ موجب تيلگو فلمن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار ادا ڪندر اداڪارائن کي مختلف ڪانفرنسز ۽ ثقافتي پروگرامن جي بهاني آمريڪا گهرايو ويندو هو ۽ پوءِ جسم فروشي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فلمن ۾ ڪم ڏيارڻ ۽ وڌيڪ آمدني جي لاءِ اداڪارائن کي آمريڪا موڪليو ويندو هو جنهن جي لاءِ کين ٻه کان ٽي ڊالر معاوضو ڏنو ويندو هو جنهن جو دارومدار اداڪارائن جي مقبوليت تي هوندو هو. ڀارتي ميڊيا موجب تيلگو فلمن جي اداڪارا سري ريڊي به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته کيس به آمريڪا ۾ جسم فروشي جي آڇ ڪئي وئي هئي. هن چيو ته جسم فروشي جو ڌنڌو ڪندڙ گروپ حيدرآباد ۾ پنهنجا نمائندا به رکيا آهن جيڪي مختلف اداڪارائن سان رابطا ڪندا رهندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے