20 منگل , نومبر 2018

ووٽرن جي تفصيل ليڪ، اليڪشن ڪميشن نادرا جي چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ووٽرن جي تفصيل منظر عام تي آڻڻ بعد اليڪشن ڪميشن نادرا جي چيئرمين عثمان يوسف کي خط لکي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته نادرا اختيارين ووٽرن جي ڊيٽا اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي جاري ڪئي ۽ اهڙي قدم جي ڪري ڊيٽا اليڪشن ڪميشن پهچڻ کان پهرين ئي اڻ لاڳاپيل ماڻهن وٽ پهچي وئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي جي تحت نادرا ووٽرن جي ڊيٽا ڪنهن سان شيئر نٿو ڪري سگهي ۽ ائين ڪرڻ اليڪشن ڪميشن سان معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن نادرا چيئرمين چيو ته ڊيٽا جاري ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے