16 جمعہ , نومبر 2018

ايندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ  نادرا  ايپ تيار ڪري ورتي

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نادرا عام چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي موبائيل اپيليڪيشن ٺاهي ڏئي ڇڏي آهي، اها ايپ سمورن پرزائيڊنگ آفيسرن جي موبائيل ۾ هوندي جنهن جي مدد سان هو چونڊن نتيجن جي حوالي سان سمورو ڊيٽا سڌو سنئون اليڪشن ڪميشن ڏانهن منتقل ڪندا.ذريعن موجب ان سسٽم سان فارم 14 ۾  ڦير ڦار ممڪن نه ٿي سگهندي، فارم 14 ۾ پارٽين جي اميدوارن ۽ نتيجن جو تفصيل هوندو آهي، فارم 14 تي اهو به لکيل هوندو آهي ته ڪهڙي اميدوار کي ڪيترا ووٽ مليا، ڪيترا رد ٿيا. ذريعن ٻڌايو ته نادرا جي ان موبائيل ايپ ذريعي پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ کان 2 ڪلاڪن اندر هر پولنگ اسٽيشن پنهنجي رزلٽ اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو.موبائيل ايپ جي ڪري پرزائيڊنگ آفيسر پاران رٽرننگ آفيسر کي موڪليل نتيجن ۾ ڦير ڦار نه ٿي سگهندي، جيڪڏهن ڪٿي ڦير ڦار ٿي ته ان وقت ئي خبر پئجي ويندي ته اها ڪنهن ڪئي آهي. نادرا سڄي ملڪ ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن کي ٽريننگ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، موبائيل فون ۾ ايپس کي هلائڻ لاءِ نيٽ ورڪ سان ڳنڍي رکڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي هوندي.اليڪشن ڪميشن پاران ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته اهڙا علائقا جتي انٽرنيٽ جي حوالي سان ڏکيائيون ٿي سگهن ٿيون اتي ان جي حل لاءِ قدم کنيا وڃن. ان حوالي سان اين اين آءِ نادرا جي ترجمان فائق علي چاچڙ کان پڇا ڪئي ته ترجمان ٻڌايو ته اسان سسٽم ٺاهي اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ان سسٽم جا حق به اليڪشن ڪميشن وٽ آهن، هاڻي نادرا جو ڪو ڪردار نه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے