15 جمعرات , نومبر 2018

چونڊ ٽڪيٽ معاملو: ڪارڪنن جو عمران خان جي رهائشگاهه ٻاهران ڌرڻو  جاري

Election Ticker Issues: Outside Imran Khan's residency of the carpets continue to runاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چونڊ ٽڪيٽن جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي آهي، ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي پرچائڻ باوجود وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جو بني گالا ۾ سندس رهائشگاهه ٻاهران احتجاج جاري آهي. احتجاج ڪندڙ اڃان تائين عمران خان جي رهائشگاهه جي ٻاهران موجود آهن، صبح ٿيندي ئي ديڳون چاڙهيون ويون ۽ ناراض ڪارڪنن نيرن ڪئي. ان حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽڪيٽن جي ورهاست بابت شڪايتن تي جلد فيصلو ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن گجرات سان واسطو رکندڙ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين کي عمران خان جي آفيس کان ٻاهر وڃڻ کان روڪي ورتو ۽ مسلم ليگ ق سان سيٽ ايڊجسٽمنٽ جي خلاف ڇتي نعري بازي  پڻ ڪئي. ڪجهه مڇريل ڪارڪنن عمران خان جي آفيس اندر گهڙڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن کين ڌڪا ڏئي اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو. عمران خان ٽي ڀيرا پنهنجي گهر کان ٻاهر آيو۽ ڪارڪنن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان باوجود ڪارڪنن سندس هڪ نه ٻڌي ۽ احتجاج ڪندا رهيا. ذريعن چيو آهي ته لاڳيتو احتجاج سبب بني گالا ۾ پوليس جي نفري وڌائي وئي آهي ۽ عمران خان جي رهائشگاهه تي نجي سيڪيورٽي اهلڪارن پڻ گهرايا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے