12 پیر , نومبر 2018

آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل: احد چيما 90 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ بعد جيل حوالي

Acquisition Housing Scandal: Ahad Cheema 90 days Body Remedy Jail Referralلاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما ۽ شاهد شفيق کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ نيب لاهور ڊيوليپمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي احد چيما ۽ بسم الله ڪنسٽريشن جي چيف ايگزيڪٽو شاهد شفيق کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو . نيب احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن جي روبرو موقف اختيار ڪندي چيو ته احد چيما کي 21 فيبروري تي گرفتار ڪيو هو ۽ جوابدار شاهد شفيق کي پنجاب لينڊ ڊيوليپمنٽ ڪمپني انڪوائري ۾ جاچ دوران گرفتار ڪيو هو، جوابدار شاهد شفيق جي ملڪيت بسم الله  انجينيرنگ سروسز ۽ پيراگون سٽي جي ذيلي ڪمپني آهي.نيب اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب لينڊ ڊيوليمپنٽ ڪمپني 20 جنوري 2015 تي معاهدو ڪيو، 16 هزار غريب شهرين آشيانا اقبال لاءِ 61 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا پر 3 ورهيه گذرڻ باوجود منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. نيب اختيارين ٻڌايو ته احد چيما 14 ارب رپين جي منصوبي جو ٺيڪو لاهور ڪاسا ڪمپني کي ڏنو، ڪاسا ۽ بسم الله انجينيرنگ سروسزم اسپارڪو ۽ چائنا گروپ جو جوائنٽ وينچر آهي، ڪمپني کي 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جو معاهدو ڏيڻ غيرقانوني آهي، ڪمپني جي نااهلي سان حڪومت کي 64 ڪروڙ 50 لک رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، بسم الله انجينيرنگ سروسز، پيراگون سٽي جي ملڪيت آهي.احتساب عدالت نيب جا دليل ٻڌڻ بعد احد چيما کي 90 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ ۽ شاهد شفيق کي 87 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ بعد جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے