19 پیر , نومبر 2018

ڪلثوم نواز جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، ڊاڪٽرن پاران وينٽيليٽر نه هٽائڻ جو فيصلو

 Kalamus Nawaz did not improve the nature, the doctor decided not to remove veterinaryلنڊن(ويب ڊيسڪ) لنڊن جي هارلي ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ نوازشريف جي زال ڪلثوم نواز جي طبيعت اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڊاڪٽرن وينٽيليٽر نه هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز گذريل ڪيترن مهينن کان علاج لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي، جتي ان جون ڪيتريون ئي ڪيميو ٿراپيز ٿي چڪيون آهن. هلندڙ مهيني 14 جون تي ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب ٿيڻ کانپوءِ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ اڃا تائين وينٽيليٽر تي آهي.هوڏانهن ڊاڪٽرن جي 5 رڪني بورڊ شريف ڪٽنب کي بريفنگ ڏني آهي ته ڪلثوم نواز کي اڃا به وينٽيليٽر تائين هٽائي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته سندس حالت اڃا تائين بدستور خراب آهي، ان جي ڪري اڃا به کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منهنجا ٻار ٻاهر وڃي ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا خيرات وٺن ها: نواز شريف

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے