14 بدھ , نومبر 2018

پرويز مشرف، فاروق ستار ۽ اسد الله ڀٽو جا نامزدگي فارم رد

The nomination papers of Pervez Musharraf, Farooq Sattar and Asadullah Khan were rejectedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاورق ستار ۽ جماعت اسلامي جي نائب امير اسد الله ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جا اين اي 245 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.  ڊاڪٽر فاروق ستار عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ قومي اسمبلي جي سيٽ لاءِ ڪراچي جي ٽن تڪن تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن جن ۾ اين اي 241، 245 ۽ 247 جا تڪ شامل آهن. ريٽرننگ آفيسر احسان خان قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 245 تان ڊاڪٽر فاروق ستار جي نامزدگي فارم جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي جنهن بعد انهن کي رد ڪري ڇڏيو. ريٽرننگ آفيسر ايم ڪيو ايم ڳواڻ جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي چيوته  ڊاڪٽر فاروق ستار ٻن ڪيس مان فرار ٿيل آهي ۽ هن نامزدگي فارم ۾ انهن ڪيسن جو ذڪر ناهي ڪيو جنهن بنياد تي سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. ڊاڪٽر فاروق ستار نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته هن وقت تائين 28 ڪيسن ۾ ضمانت ڪرائي چڪو آهيان، ريٽرننگ آفيسر جن ڪيسن جو ذڪر ڪيو آهي انهن مان به مقامي عدالت کان ضمانتون ڪرائيندس جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سڀاڻي اپيل داخل ڪرائيندس. آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف جو اين اي هڪ چترال تي نامزدگي فارم رد ڪيو ويو آهي.نجي ٽي وي مطابق اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران اين اي هڪ چترال لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايو ويو هو، جنهن کي رٽرننگ آفيسر رد ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي آل پاڪستان مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر امجد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پرويز مشرف نااهل هئڻ سبب چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو پر ان باوجود پارٽي عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي ۽ هن ڀيري ڪو به بائيڪاٽ نه ڪيو ويندو. ڊاڪٽر امجد چيو ته پرويز مشرف واپس اچڻ چاهي ٿو پر سندس راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪيو ويندو آهي، پر ان باوجود پرويز مشرف چونڊن کان اڳ ڏيهه واپس اچي سگهي ٿو. ان کان سواءِ ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تان جماعت اسلامي جي نائب امير اسد الله ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ پڻ رد ڪيا ويا آهن. جماعت اسلامي ۽ متحده مجلس عمل جي اميدوار اسدالله ڀٽو بينڪ ڊيفالٽر لسٽ ۾ شامل هو جنهن جي بنياد تي سندس نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان اسد الله ڀٽو چيو ته هو ڊيفالٽر ناهي ها بينڪ جي غلطي جنهن خلاف هو عدالت ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے