16 جمعہ , نومبر 2018

اين اي 53 تان عمران خان جا نامزدگي فارم رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا اين اي 53 تان جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار عبدالوهاب جي طرفان عمران خان جي خلاف اعتراض ريٽرننگ آفيسر کي جمع ڪرايا ويا جنهن تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن طرفان اڄ دليل مڪمل ڪيا ويا. ڌرين دليل مڪمل ٿيڻ بعد آر او اعتراضن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ چيو ته درخواست گذار اعتراضن ۾ اخباري ڪٽنگ ۽ فوٽو اسٽيٽ جون ڪاپيون جمع ڪرايون جنهن تي يقين نٿو ڪري سگهجي ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪاپين تي يقين ڪرڻ جو مقصد اميدوارن کي چونڊن جي بنيادن حقن کان محروم رکڻ آهي. بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته درخواست ۾ آمريڪي عدالت جي هڪ فيصلي کي سامهون آندو ويو، آمريڪي عدالت جي فيصلي ۾ نينگريءَ جي پيءُ جو نالو ڪٿي لکيو ويو؟ پيءُ جو نالو ناهي، اهي فوٽو ڪاپيون آهن. عمران خان جي وڪيل چيو ته خالا کي ناهي خبر ته هن جو پيءُ ڪير آهي، حلف نامي ۾ خبر ناهي ڪهڙو عمران خان آهي، ۽ حلف نامو 18 نومبر سال 2004 تي لاهور ۾ تيار ڪيو ويو ۽ اهو 19 نومبر تي آمريڪي عدالت ۾ پهچي ويو، ان وقت پاڪستان کان آمريڪا لاءِ سڌو سنئون ڪا به فلائٽ نه ويندي هئي. ان موقعي ته ريٽرننگ آفيسر چيو ته دستاويزن  کان انڪار به ناهي ڪيو ويو، جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته ڪالهه اسان دستاويزن کي رد ڪيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے