16 جمعہ , نومبر 2018

بکر: پسند جي پرڻي جي خواهشمند ناري جي وارثن جو نوجوان جي گهر تي حملو، پيءُ مارجي ويو

بکر(ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي جي شهر بکر ۾ پسند جي شادي جي لاءِ گهران فرار ٿيل ڇوڪري جي وارثن نوجوان جي گهر تي حملو ڪري ڏنو، ان موقعي تي فائرنگ سبب نوجوان جو پيءُ مارجي ويو جڏهن ته سندس ماءُ ۽ ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيا. پوليس موجب واقعو بکر جي علائقي چڪ 59 ڊي بي ۾ پيش آيو جتي ارشد ۽ نذيران هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ شادي ڪرڻ پئي چاهين. پوليس موجب امڪاني طور تي ٻئي گهروارن جي مخالفت کي منهن ڏئي رهيا هئا، اهو ئي سبب آهي جو هو گهر مان فرار ٿي ويا. نذيران جي گهران گم ٿيڻ تي وارثن نوجوان ارشد جي گهر تي حملو ڪيو، ان دوران فائرنگ سبب نوجوان جو پيءُ مارجي ويو جڏهن ته سندس ماءُ ۽ ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي طبي امداد جي لاءِ جنڊوالا جي مقامي اسپتال اماڻيو ويو. واردات کان پوءِ جوابدار فرار آهن، جڏهن ته پسند جي شادي جي لاءِ گهران فرار ٿيل ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۾ دونهون ڪڍندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے