21 بدھ , نومبر 2018

ايمنسٽي اسڪيم: 135 ارب رپين جا اثاثا ٽيڪس نيٽ ۾ شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي اسڪيم مان 1100 پاڪستانين 135 ارب رپين جا اثاثا ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيا جنهن مان حڪومت کي 4 ارب رپين جي ٽيڪس جي آمدني ٿي. پرڏيهي ۽ ملڪي اثاثا ظاهر ڪرڻ واري اسڪيم مان هڪ هزار ارب رپيا يعنيٰ 8 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ جو اندازو آهي. ذريعن موجب اثاثا ظاهر ٿيڻ واري اسڪيم سان حڪومت کي گڏيل طور تي 35 ارب رپيا ٽيڪس ملڻ جا امڪان آهن. اثاثا ظاهر ڪرڻ واري اسڪيم جي آخري تاريخ 30 جون 2018ع آهي پر ملڪي ٽيڪس بار ايسوسيئيشنز اسڪيم ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي تجويز ڏني آهي. ڪراچي ٽيڪس بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر ذيشان مرچنٽ جو چوڻ آهي ته پرڏيهي اثاثا ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس جي ادائيگي وارو سسٽم آسان بڻايو ويندو، ان سان پرڏيهي اثاثا ظاهر ڪرڻ واري رفتار تيز ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے