15 جمعرات , نومبر 2018

اسان کي احساس آهي ته عوام بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب پريشان آهي: آصف علي زرداري

نواب شاهه(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان کي احساس آهي ته عوام بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب پريشان آهي. آصف علي زرداري نواب شاهه ۾ واپاري برادري ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ چونڊن ۾ پنهنجي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر ڳالهائيندي چيو ته هر مهيني پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪري مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت ۾ هارين جي خوشحالي لاءِ موثر بندوبست ڪيا ويندا، هن چيو ته نواز حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ ڀٽو جي جيالن کي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، پ پ عام چونڊن عوام جي طاقت سان وڙهندي ۽ عام چونڊون کٽي اقتدار ۾ ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ملائيشيا جي لاڳاپن ۾ اضافي جي خواهش آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے