16 جمعہ , نومبر 2018

ايران ۾ صوفي درويش کي ڦاهي، آمريڪا طرفان سخت مذمت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي ايران حڪومت طرفان صوفي درويش برادري جي ميمبر محمت ثلاث کي ڦاهي ڏيڻ جي مذمت ڪئي آهي. اطلاعن موجب راجائي شهر جي قيد خاني ۾ کيس ڦاهي تي لٽڪايو ويو، جنهن کي گذريل ڏينهن آمريڪي ناڻي واري کاتي بدنام جيل قرار ڏنو هو، جتي انساني حقن جي واضح ڀڃڪڙيون ٿينديون رهنديون آهن. اڄ جاري ٿيل بيان ۾ عورت ترجمان هيدر نوئرٽ ٻڌايو ته فيبروري ۾ ايراني سلامتي فوجن سان چڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 صوفين کي غير قانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو هو جيڪي پنهنجي هڪ ساٿي جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا هئا. اطلاعن مان خبر پئي ته اُن وقت کان ملڪ ۾ ايراني حڪومت صوفين جي خلاف ڪارروائي جاري رکي آهي. نوئرٽ چيو ته اِهي به اطلاع آهن ته سيڪيورٽي فوجن جي حراست دوران مار ڪٽ ۽ عدالت کان مٿانهان قتل ٿيندا رهيا آهن. ترجمان چيو ته مسٽر ثلاث جي فوري ڦاهي سان پاڻ ئي خبر پئجي ويندي ته ايراني حڪومت کي انساني حقن جي ڪا به پرواهه ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے