15 جمعرات , نومبر 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ :اونهاري جي موڪلن دوران فيس نه وٺڻ واور حڪم برقرار

Islamabad High Court: During the weekend leave, the fees will not be takenاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن کي اونهاري جي موڪلن دوران فيس نه وٺڻ واري  حڪم کي برقرار رکندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت صديقي جي اونهاري جي موڪلن ۾ فيس نه وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ اونهاري جي موڪلن دوران فيس نه وٺڻ وارو حڪم برقرار رکيو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي ريمارڪس ڏيندي چيو ته تعليم جي سوداگري ظلم ۽ استحصال آهي، جيڪي ڪالهه هنڊا تي گهمندا هئا اهي اڄ لينڊ ڪروزرن ۾ سفر ڪري رهيا آهن. خانگي اسڪولن  جو اونهاري جي موڪلن دوران فيس وٺڻ توهين عدالت آهي جن اسڪولن عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي انهن ڏانهن توهين عدالت جا نوٽيس موڪلينداسين.  هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪجه استاد ۽ پگهارون نه ملڻ جي درخواست پڻ ڏني آهي جنهن کي ڏسنداسين. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے