18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: نوابشاهه: پيرسن جو ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي اڻهوند خلاف احتجاج جاري

Nawabshah: Protest by old man for the shortage of water*نوابشاهه ۾  95 ورهين جو پيرسن ڪيترن ئي ڏينهن کان جادو مائنر ۾ پاڻي جي اڻهوند خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي.

جهونو شاهنواز کوسو قاضي احمد سب ڊويزن جي ملواهه شاخ مان نڪرندڙ جادو مائينر  ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته جادو مائينر ۾ 20 سالن کان پاڻي نه آهي.

 هن چيوته پاڻي نه هجڻ ڪري سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي.

 هن ٻڌايو ته سندن سون ورتيون زمينون رڃ جو  منظر پيش ڪري رهيون آهن .

 هن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے