16 جمعہ , نومبر 2018

ٽنڊو ڄام: ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ مسافر فوت، 2 زخمي

ٽنڊوڄام (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو ڄام ويجهو حيدرآباد روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  هڪ مسافر فوت ۽ نينگر سميت 2ڄڻا زخمي ٿي پيا.حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ موسي خان پتافي جا رھواسي حيدر علي پتافي، اظھر پتافي۽ ھڪ معصوم نينگر زخمي ٿي پيا.زخمين کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي اظهر علي پتافي دم ڌڻي حوالي ڪيو .پٻڻ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪار  کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن فوتي جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جو سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ملڪي قيادت سنڀالڻ جي لڳ ڀڳ اڍائي مهينن بعد سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے