18 منگل , دسمبر 2018

مني لانڊرنگ ڪيس: ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ تي فرد جرم لاڳو

Money Laundering Case: Appropriate offense of Executive CEO Shuibib Shaikhڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو . ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ ملوث ڪمپني ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ ۽ ٻين جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،  ڪيس جي ٻڌڻي دوران ضمانت تي آزاد جوابدار شعيب شيخ، محمد جنيد ۽ يونس عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدار تي الزام آهي ته هن 17 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار تي فرم جرم لاڳو ڪئي ۽ کين فرد جرم جا نڪتا پڙهي ٻڌايا جنهن تي جوبدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.جنهن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي جي شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 4 جولائي تائين ملتوي ڪر ي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ ۽ ن ليگ آصف زرداري ۽ نواز شريف ۾ رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ پ پ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے