19 پیر , نومبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه: سياسي ڪارڪن ٽيڪٽون نه ملڻ تي پارٽين کان ناراض آھن: مخدوم جميل

Bhit Shah: Social workers are annoyed for not getting tickets from parties: Makhdoom jamil*مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ن ليگ، پ پ، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ٽيڪٽونه ملڻ جي ڪري پارٽين کان ناراض آھن، وڏين پارٽين ۾ ائين  ٿيندو آھي.

ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته چونڊن ۾ پنجاب ، بلوچستان ۽ پختونخوا جو عوام ڪنهن تي مهربان ٿي ٿو اهو وقت ٻڌائيندو .

مخدوم جميل الزمان چيو ته هن ڪڏهن به انتقام واري سياست نه ڪئي آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪندو .

 هن چيو مخدوم هائوس جي خلاف 2013 ۾ مخدوم امين فهيم جي هوندي اتحاد جوڙيو ويو  هو.

مخدوم جميل الزمان ٻڌايو ته مخالف به مٽياري ضلعي جا آھن انهن ڏانهن به ويندس انهي باوجود اليڪشن ۾ حصو وٺڻ  گهرن ٿا ته مقابلو ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے