16 جمعہ , نومبر 2018

ٻٽي شهريت وارو معاملو: عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ريٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Two Citizenship Issues: Justice has issued notice to the Election Commission and Returning Officersڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ سيوهڻ جي ريٽرننگ آفيسر کي 25 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف داخل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته مراد علي شاهه ٻٽي شهريت رکندڙ آهي ۽ هن وٽ پاڪستان کان سواءِ ڪينيڊا جي شهريت پڻ آهي جڏهن ته مراد علي شاهه يو اي اي جي هڪ هوٽل ۾ سپروائزر به رهي چڪو آهي. جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن مراد علي شاهه کي  2013 ۾ نااهل قرار ڏنو ويو هو ته ان وقت ڪاغذ ڪيئن منظور ٿيا هئا؟  جنن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ سيوهڻ جي ريٽرننگ آفيسر کي 25 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته ٻٽي شهريت ۽ اقاما بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حالتن موجب يوٽرن نه وٺندڙ ليڊر نه بيوقوف هوندو آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ليڊر حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے