21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: خانپور مهر: الائينس ٺاهڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي: خورشيد شاهه

Khanpur Mehr: Everyone has the right to make Al-Lunus: Khursheed Shah* پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته الائينس ٺاهڻ هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي، کين گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس مان پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناھي.

پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه خانپور مھر پھچي اڳوڻو يوسي ناظم زبردست مھر سان سندس طبيعت خراب ھئڻ تي عيادت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس مان اسان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناھي.

ھن چيو ته الائينس ٺاھڻ جو ھر ڪنھن کي جمھوري حق آھي، جي ڊي اي 10 کان 12 سيٽون کڻي وکري ويندو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان ٻين کي سادگي جا ڏس ڏيندو آھي پر عاليشان جھازن ۾ڪروڙين رپين جا دورا ۽ جھازن تي عمرا ادا ڪندو آھي.

سيد خورشيڊ شاهه جو چوڻ هو ته ن ليگ جي حڪومت ۾ڪو به ڪم نه ٿيو آھي، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ وڌي آهي.

هن چيو ته هو ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ آيا آھن ايندڙ حڪومت ۾زراعت تي ڪم ڪيو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے