19 پیر , نومبر 2018

خوشحال پاڪستان اسڪيم: نيب نواز شريف جي خلاف عدم ثبوتن تي انڪوائري بند ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزير اعظم نواز سريف خلاف خوشحال پاڪستان اسڪيم ۾ عدم ثبوتن جي تحت انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مخلتف شخصيتن جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ڪجهه انڪوائريون بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. نيب طرفان جاري پڌرائي موجب نواز شريف جي خلاف خوشحال پاڪستان اسڪيم ۾ عدم ثبوتن جي بنياد تي انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي جي خلاف به عدم ثبوتن جي تحت جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پڌرائي موجب مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي خلاف مبينا طور تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي الزام ۾ انڪوائري جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته (ن) ليگ جي اڳواڻ ۽ وزير اعظم جي اڳوڻي صلاحڪار امير مقام جي خلاف به آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي الزام تي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ اڳوڻي اين آءِ سي ايل جي چيئرمين اياز خان نيازي، فاٽا ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف انويسٽي گيشن جي منظوري ڏني وئي آهي، جوابدارن تي بدعنواني ۽ اختيارن کي ناجائز استعمال ڪرڻ وارو الزام آهي. ايگزيڪٽو بورڊ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر ملڪ قاسم، سنڌ جي اڳوڻي ريونيو واري سيڪريٽري گل حسن چنا ۽ عبدالرزاق قريشي جي خلاف انڪوائري جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  پڌرائي موجب آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي الزام ۾ اڳوڻي چيف فنانشل آفيسر پنجاب پاور ڊيولپمينٽ ڪمپني اڪرام نويد جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته وائس چانسلر سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ جي خلاف به انڪوائري ٿيندي. نيب چيئرمين جو چوڻ آهي ته بدعنواني هڪ ڪينسر آهي جنهن کي پاڙان پٽڻ انتهائي ضروري آهي جڏهن ته نيب صرف ۽ صرف قانون ۽ خاص ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے