17 ہفتہ , نومبر 2018

ناليوارو ليکڪ مشتاق احمد يوسفي 94 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ناليوارو ليکڪ مشتاق احمد يوسفي 94 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مشتاق يوسفي ڪافي عرصي کان بيمار ۽ ڪراچي ۾ علاج هيٺ هو. ڪجهه ڏينهن اڳ کيس نمونيا جي ڪري اسپتال آندو ويو هو. طبيعت خراب ٿيڻ جي کيس وينٽي ليٽر تي اماڻيو ويو پر ڪجهه دير بعد ڊاڪٽرن سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي. وارثن موجب کيس ڪو به عارضو نه هو پر عمر جي ڪري هو اڪثر بيمار رهندو هو. مشتاق احمد يوسفي 4 سيپٽمبر 1921ع تي هندوستان جي رياست ٽونڪ، راجسٿان ۾ پيدا ٿيو ۽ آگره يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ايم اي ڪئي جنهن بعد هن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان ايل ايل بي ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ پاڻ ڪراچي آيو ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي. سندس پنج ڪتاب شايع ٿيا جنهن ۾ ”چراغ تلي“ (1961ع)، ”خاڪم بدهن“ (1969ع)، ” زرگزشت“ (1976ع)، ” آب گم“ (1990ع)، شام شعرياران (2014ع) شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے