15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ٿرڪول رٿا تي ڪنهن جي به دخل اندازي برداشت نه ڪندا:جنرل احسن گلريز

Thar project tolerate any intervention will not: General Ahsan Gulraiz* سي پيڪ جي ڪمانڊر جنرل احسن گلريز چيو آهي ته سي پيڪ رٿائن ۽ خاص طور تي ٿرڪول رٿا تي ڪنهن جي به دخل اندازي برداشت نه ڪندا.

ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي دوري وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي جنرل احسن  گلريز جو چوڻ هو ته هي  رٿا مثبت انداز ۾ هلي پئي، هن رٿا سان ٿر ۾ وڏي تبديلي ايندي،

 هن چيو ته ٿرڪول رٿا جي مالڪي مقامي ماڻهن کي ملي، جيڪا خوشي  جي ڳالهه آهي، روزگار جا ذريعا پيدا ٿيا آهن ۽ معاشي ترقي ٿئي پئي،

سندس چوڻ هو ته اينگرو جي سٿ جس لهي جنهن جي محنتن سان رٿا مڪمل ٿي رهي آهي.

ان موقعي تي جنرل احسن گلريز کي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي چيف آپريٽنگ آفيسر سيد ابوالفضل رضوي پاران رٿا  بابت تفصيلي بريفنگ ڏني….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شادي پلي: صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

* شادي پلي ۾  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب شهر گندگي جي ڍير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے