21 بدھ , نومبر 2018

فيصل آباد ۾ مخالفن جي فائرنگ ۾ صوبائي اسيمبلي جو اميدوار مارجي ويو

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) نشاط آباد ٿاڻي واري علائقي ۾ مخالفن جي فائرنگ ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 109 جو اميدوار وقار احمد مارجي ويو. تفصيل موجب فيصل آباد ۾ نشاط آباد ٿاڻي جي علائقي چڪ نمبر 9 ۾ مخالفن فائرنگ ڪري پ پ 109 تان ايم پي اي جي اميدوار وقار احمد کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد پوليس لاش کي اسپتال اماڻي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. مخالطن گذريل ڏينهن به وقار واهله تي تشدد ڪيو هو جنهن تي وقار واهلا تشدد جي خلاف درخواست نشاط آباد ٿاڻي ۾ ڏني وئي پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات: ٻنيءَ ۾ پيل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ٻارڙا فوت

سوات (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي علائقي سوات جي تعلقي مٽه ۾ هڪ پراڻي مارٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے