14 بدھ , نومبر 2018

آصف علي زرداري جي اثاثن جي تفصيل سامهون اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري طرفان نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن جي تفصيل سامهون اچي وئي. اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تڪ اين اي 213 نواب شاهه تان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جنهن جي لاءِ هن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. آصف علي زرداري طرفان نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ جيڪي اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن انهن ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي پراپرٽي، بلٽ پروف گاڏيون، هٿيار ۽ گهوڙا به شامل آهن. نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن موجب آصف علي زرداري 6 بلٽ پروف لگزري گاڏين ۽ هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي، آصف زرداري پاڪستان ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ پراپرٽيز جو مالڪ آهي جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 5 پراپرٽين جو به حصدار آهي. ان کان سواءِ دبئي جي شهر الصفا ۾ هڪ پراپرٽي سميت ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 ۾ هڪ پلاٽ  به سندس ملڪيت ۾ شامل آهي. آصف زرداري وٽ 3 لينڊ ڪروزر، 2 بي ايم ڊبليو ۽ هڪ ليڪسز آهي، اهي سڀ گاڏيون بلٽ پروف آهن، گهوڙن ۽ چوپائي مال جي ماليت 9 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته هڪ ڪروڙ 29 لک رپين جي ماليت جا هٿيار آهن. آصف زرداري لينڊ مارڪس ۾ هڪ ڪروڙ 29 لک رپين جي سيڙپڪاري به ڪئي آهي جڏهن ته 8 لک 90 رپين جي سيڙپڪاري اپارٽمنٽ ۾ آهي. اڳوڻي صدر زرداري گروپ (پرائيويٽ) لميٽڊ ۽ پارڪ لين اي اسٽيٽ ( پرائيويٽ) لميٽڊ ۾ 10 لک 7 هزار رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي جڏهن ته زرداري گروپ کي 45 لک رپيا اوڌر طور به ڏنا ويا آهن. آصف زرداري وٽ 20 ڪروڙ 90 لک رپيا نقد موجود آهن. ان کان سواءِ ڪلفٽن ۾ 2 پراپرٽيون آهن جڏهن ته ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ بنگلو ۽ نواب شاهه ۾ هڪ گهر آهي. نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن موجب آصف زرداري نواب شاهه، ٽنڊو الهيار ۽ لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين جو مالڪ آهي جڏهن ته نواب شاهه، بدين، ماتلي، ٽنڊو الهيار ۾ 7 هزار 4 سئو ايڪڙ زرعي زمين ليز تي به حاصل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے