16 جمعہ , نومبر 2018

رونالڊو پرتگال کي فتح ڏياري ڇڏي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ گروپ بي جي رائونڊ ميچ ۾ جڳ مشهور اسٽار رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو جي گول پرتگال کي ٻي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، جڏهن ته مخالف ٽيم مراڪش جا رانديگر گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. روس ۾ فٽبال جي عالمي ميلي جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. ان ڏس ۾ گروپ بي جي ٽيمن پرتگال ۽ مراڪش وچ ۾ مقابلو ٿيو. مقابلي دوران ريال ميڊرڊ جي نمائندگي ڪندڙ اسٽار رانديگر چوٿين منٽ ۾ ئي گول ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري ڇڏي. مراڪش جي ٽيم پرتگال خلاف اسڪور برابر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي پر يورپي ٽيم مخالف رانديگرن کي گول ڪرڻ نه ڏنو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون هاف پرتگال جي سرسي سان ئي ختم ٿيو. وقفي کانپوءِ به مراڪش جا رانديگر ميچ ۾ واپسيءَ جون ڪوششون ڪندا رهيا پر رونالڊو اليون سندن ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڪرسٽيانو رونالڊو کانسواءِ آخر تائين ٻنهي ٽيمن طرفان ڪنهن به گول نه ڪيو ۽ پرتگال ٻڙيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان ڪاميابي ماڻي ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطري شهزادي جا خط پنهنجي دفاع لاءِ پيش نه ڪيا آهن: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پڇيل سوالن …