21 بدھ , نومبر 2018

عمران خان ثابت ڪيو ته هو اناڙي سياستدان آهي: احسن اقبال

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان ثابت ڪيو ته هو هڪ اناڙي سياستدان آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان اڄ تائين بلدياتي اليڪشن ناهي وڙهي ۽ نه ئي هن اڄ تائين ڪو بلدياتي، صوبائي ۽ وفاقي ادارو هلايو آهي، هن وٽ ڪو به تجربو ناهي. هن چيو ته جيڪو نگران وڏي وزير جو فيصلو نه ڪري سگهيو اهو 20 ڪروڙ عوام جي قيادت ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ هن چيو ته عمران خان ثابت ڪيو ته هو هڪ اناڙي سياستدان آهي ڇو ته سندس پاليسين ۾ ڪو به تسلسل ناهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته 20 ڪروڙ عوام جي قسمت جو فيصلو هڪ ناتجربي ڪار شخص جي هٿن ۾ نٿو ڏئي سگهجي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته عدليه جو احتسام ڪندو آهيان ۽ منهنجو مقابلو عدليه سان نه پر انتهاپسنداڻي سوچ سان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪي ترقي ۽ امن جي لاءِ پاليسين ۾ 5 سالن تائين تسلسل گهربل هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے