17 ہفتہ , نومبر 2018

دبئي ۾ گرفتار فقير وٽان 33 لک رپيا هٿ

دبئي ( ويب ڊيسڪ) دبئي پوليس  عيدالفطر  جي پهرين روزي  ٻيپهري جي نماز کانپوءِ پيشوراڻن فقيرن  خلاف ڪريڪڊائون  شروع ڪيو  ۽ ان دوران مختلف ملڪن  سان تعلق رکندڙ  تقريبن  243 فقيرن  کي حراست ۾ ورتو ويو  جن ۾ 136 مرد ۽ 107 عورتون شامل آهن .  ان وقت پوليس جي حيرت جي انتها نه رهي  جڏهن هڪ ايشيائي  ملڪ سان تعلق رکندڙ  شخص وٽ هڪ لک درهم  33 لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ روڪ  رقم هٿ ڪئي وئي .پوليس جڏهن ان کي حراست ۾ ورتو ۽ ان جي تلاشي ورتي ته هٿرادو ٽنگ  مان 45 هزار درهم  ۽ ان جي جهولي  ۽ لباس م جي ٻين خانن  مان 55 هزار درهم هٿ ڪيا . هن شخص جي عمر  60  کان 70 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي  جنهن کي القوز  واري علائقي  مان گرفتار  ڪيو ويو  جڏهن ته  اهو  شخص  معذوري  جو ناٽڪ ڪري رهيو آهي .  اهو شخص  هڪ مهينو اڳ  ئي وزٽ ويزا تي دبئي آيو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے