13 منگل , نومبر 2018

شخصيتن جي ذاتي معاملن تي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي: نفيسه شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته شخصيتن جي ذاتي معاملن تي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن حمزه شهباز تي اسڪينڊل اچي ويندو آهي، ڪڏهن عمران خان تي ۽ ڪڏهن آصف علي زرداري جي حوالي سان هڪ عورت سامهون اچي ويندي آهي. ان شئي جي خاتمي جي لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ بڻايو وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسه شاهه چيو ته سياستدانن جي اثاثن جي تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ آهي پر مريم بي بي کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ڇو ته هن چيو هو ته سندس ڪا به ملڪيت ناهي ۽ هاڻ سندس اثاثا سامهون اچي ويا آهن ان ڪري هن جي بيان ۾ فرق پيدا ٿي ويو آهي. هن چيو ته آصف زرداري کي اثاثا سندس پيءُ طرفان مليا. ريحام خان جي ڪتاب جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ذاتي معاملن تي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن حمزه شهباز تي اسڪينڊل اچي ويندو آهي، ڪڏهن عمران خان تي ۽ ڪڏهن آصف علي زرداري جي حوالي سان هڪ عورت سامهون اچي ويندي آهي. اهڙين ڳالهين کي اليڪشن جو حصو نه بڻائڻ گهرجي پر ان جي لاءِ هڪ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ هئڻ گهرجي. هن چيو ته 2013 جي ايجنڊا جي قلت هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت وٽ نه اهليت ۽ نه وري ڪا رٿابندي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار بني گالا ۾ حددخلين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے