18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: مٺي: فقير پاربرهم جي ميلي ۾شرڪت لاءِ اسلام ڪوٽ مان قافلو روانو

Mithi: Paroo parbirham visit to Kolkata to Islamabad* هندن جي مرشد فقير پاربرهم جي ميلي ۾شرڪت لاءِ اسلام ڪوٽ مان سوين پانڌيئڙن جو پيادل قافلو چڙهي صاحب کڻي روانو ٿي ويو.

ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ ويڙهيجهپ ۾ 23 تاريخ کان شروع ٿيندڙ هندن جي مرشد فقير پاربرهم جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ اسلام ڪوٽ مان هندو برادري جي سوين پاڌيئڙن جو پيادل قافلو ڇڙهي ۽ ڌڄا صاحب کڻي روانو ٿي ويو.

پيادل قافلو مسلسل ٽي ڏينهن پنڌ ڪري ڳوٺ ويڙهيجهپ پهچندو، قافلي جي روانگي وقت اسلام ڪوٽ جي هندو برادري جي سوين عورتن توڙي مردن قافلي تي گلن جي ورکا ڪري قافلي کي الوداع ڪيو.

قافلي جي روانگي کان اڳ هندو برادري جي واپارين پنهنجا سمورا ڪاروبار بند ڪري قافلي کي الوداع ڪيو.

فقير پاربرهم جو 23 تاريخ کان شروع ٿيندو جيڪو چار ڏينهن 28 تاريخ تائين هلندو ۽ ميلي ختم ٿيڻ تي ساڳيو قافلو وري پيادل پنڌ ڪري اسلام ڪوٽ پهچندو.

هر سال اسلام ڪوٽ مان فقير پاربرهم جي ميلي تائين پيادل پنڌ ويندڙ هندو برادري جي اڳواڻن ڊاڪٽر راجڪمار ۽ ٻين چيو ته اسان جو پيادل پنڌ قافلو ڇڙهي صاحب ۽ ڌڄا صاحب کڻي اڄ اسلام ڪوٽ کان روانو ٿيو آهي، هو درشن لاءِ هر سال ويندا آهن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے