22 جمعرات , نومبر 2018

جنگون وڙهيون آهن، پنهنجي بهادري ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي: پرويز مشرف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته مون جنگون وڙهيون آهن ان ڪري مون کي پنهنجي بهادري جو ثبوت ڏيڻ جي ضرورت ناهي. آل پاڪستان مسلم ليگ ليگ جي صدر پرويز مشرف پرڏيهه مان ٽيلفون تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي باري ۾ ڪيترائي افواهه هلي رهيا آهن ۽ مون تي بابت ڪمنٽس جاري ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته مون جنگون وڙهيون آهن ان ڪري مون کي پنهنجي بهادري ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي. پرويز مشرف چيو ته نواز شريف اي سي ايل ۾ ناهي ته مون کي ڇو رکيو ويو آهي؟ مون کي عدالت ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو ته چيو ويو آهي پر ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن چيو ته چونڊن ۾ هر تڪ ۾ وڃڻ پئي چاهيم ۽ منهنجو مقصد پاڪستان اچي پنهنجي پارٽي کي ليڊ ڪرڻ جي لاءِ هو. هن چيو ته منهنجو ارادو آهي ته آئون پاڪستان اچان ۽ وقت ايندو ته آئون ضرور پاڪستان واپس ايندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے