16 جمعہ , نومبر 2018

آصف زرداري وٽ اربن جي ملڪيت، ڪپتان ذاتي گاڏي کان محروم، مريم ڪروڙ پتي

اسلام آباد/ لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري طرفان نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن جي تفصيل سامهون اچي وئي. اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تڪ اين اي 213 نواب شاهه تان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جنهن جي لاءِ هن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. آصف علي زرداري طرفان نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ جيڪي اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن انهن ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي پراپرٽي، بلٽ پروف گاڏيون، هٿيار ۽ گهوڙا به شامل آهن. نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن موجب آصف علي زرداري 6 بلٽ پروف لگزري گاڏين ۽ هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي، آصف زرداري پاڪستان ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ پراپرٽيز جو مالڪ آهي جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 5 پراپرٽين جو به حصدار آهي. ان کان سواءِ دبئي جي شهر الصفا ۾ هڪ پراپرٽي سميت ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 ۾ هڪ پلاٽ  به سندس ملڪيت ۾ شامل آهي. آصف زرداري وٽ 3 لينڊ ڪروزر، 2 بي ايم ڊبليو ۽ هڪ ليڪسز آهي، اهي سڀ گاڏيون بلٽ پروف آهن، گهوڙن ۽ چوپائي مال جي ماليت 9 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته هڪ ڪروڙ 29 لک رپين جي ماليت جا هٿيار آهن. آصف زرداري لينڊ مارڪس ۾ هڪ ڪروڙ 29 لک رپين جي سيڙپڪاري به ڪئي آهي جڏهن ته 8 لک 90 رپين جي سيڙپڪاري اپارٽمنٽ ۾ آهي. اڳوڻي صدر زرداري گروپ (پرائيويٽ) لميٽڊ ۽ پارڪ لين اي اسٽيٽ ( پرائيويٽ) لميٽڊ ۾ 10 لک 7 هزار رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي جڏهن ته زرداري گروپ کي 45 لک رپيا اوڌر طور به ڏنا ويا آهن. آصف زرداري وٽ 20 ڪروڙ 90 لک رپيا نقد موجود آهن. ان کان سواءِ ڪلفٽن ۾ 2 پراپرٽيون آهن جڏهن ته ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ بنگلو ۽ نواب شاهه ۾ هڪ گهر آهي. نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن موجب آصف زرداري نواب شاهه، ٽنڊو الهيار ۽ لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين جو مالڪ آهي جڏهن ته نواب شاهه، بدين، ماتلي، ٽنڊو الهيار ۾ 7 هزار 4 سئو ايڪڙ زرعي زمين ليز تي به حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته مريم نواز جي اثاثن جي تفصيل سامهون اچي وئي جنهن موجب مريم نواز وٽ ڪروڙين رپين جي ملڪيت آهي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز طرفان جمع ڪرايل نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ اثاثن جي تفصيل منظر تي اچي وئي آهي جنهن موجب مريم نواز چوڌري شگر ملن، حديبيه پيپر ملز، حديبيه انجنيئرنگ پرائيويٽ لميٽڊ، حمزه اسپننگ ملز ۽ محمد بخش ٽيڪسٽائل ملز سميت پنج ملن جي شيئر هولڊر آهي، ان کان سواءِ مريم نواز پاڪستان ۾ 1506 ڪنال هڪ مرلي زرعي زمين جي مالڪڻ آهي جڏهن ته هن پنهنجي تعمير هيٺ فلور مل ۾ 34 لک 62 هزار جي سيڙپڪاري ڪري رکي آهي. مريم نواز سوفٽ انرجي پرائيويٽ لميٽڊ کي 70 لک رپيا بطور قرض ڏئي رکيا آهن، مريم نواز کي 4 ڪروڙ 92 لک رپين جا گفٽ مليا آهن، مريم نواز وٽ ساڍا 17 لک رپين جا زيور آهن جڏهن ته مريم نواز پنهنجي ڀاءُ حسن نواز جي 2 ڪروڙ 89 لک جي قرضي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ سندس زرعي زمين ۾ 548 ڪنال جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته مريمنواز 3 ورهين ۾ 64 لک رپين جا پرڏيهي دور  ڪيا، هوڏانهن ميڊيا کي مليل دستاويزن موجب عمران خان جي آمدني جو ذريعو زراعت، پگهار، پينشن ۽ بينڪ منافعو ظاهر ڪيو آهي. دستاويزن موجب عمران خان 168 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جڏهن ته عمران خان پرڏيهي دورن جي تفصيل به نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪئي آهي. عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي گذريل سال وارا اثاثا 47 لک 76 هزار 661 رپيا آمدن ظاهر ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي پگهار 18 لک 991 رپيا ۽ زرعي آمدن 23 لک 60 هزار رپيا ظاهر ڪئي آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين پنهنجن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته هن 2015ع کان وٺي 2018ع تائين 28 پرڌيهي دورا ڪيا جنهن ۾ گهڻو ڪري دورا اسپانسرڊ هئا. عمران خان گذريل سال پنهنجي آمد تي 1 لک 3 هزار 763 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي. هن پنهنجي گهرواري بشريٰ مانيڪا ۽ ٻه ٻارن کي ڪفالت هيٺ ظاهر ڪيو آهي. دستاويزن موجب عمران خان وٽ ڪا به ذاتي گاڏي ناهي پر استعمال هيٺ فرنيچر ۽ ٻئي سامان جي ماليت 5 لک ۽ کيس وٽ موجود جانورن جي ماليت 2 لک رپيا آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب عمران خان اسلام آباد ۾ پنهنجا پرڏيهي اڪائونٽ به ظاهر ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي هڪ اڪائونٽ ۾ 3 لک 70 هزار 760ڊالر ۽ ٻئي اڪائونٽ ۾ 1470 ڊالر ظاهر ڪيا آهن. پي ٽي آءِ جي چيئرمين طرفان جمع ڪرايل دستاويزن موجب هن جون لاهور ۽ اسلام آباد سميت پاڪستان ۾ 14 ملڪيتون آهن جيڪي کيس ورثي ۾ مليون آهن، دستاويز موجب عمران خان جو پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ ڪو به واپار ۽ ملڪيت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے