20 منگل , نومبر 2018

عام چونڊون:بچاءَ واري وزارت ساڍا 3 لک فوجي اهلڪار ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي عام چونڊن لاءِ پاڪ فوج جا ساڍا 3 لک اهلڪار ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.  اليڪشن ڪميشن ۾ بچاءَ واري وزارت کي خط لکي پاڪ فوج جي ساڍن 3 لکن اهلڪارن جون خدمتون طلب ڪيون.  ذريعن موجب بچاءَ وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست جو غير رسمي جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ عام چونڊن لاءِ ساڍا 3 لک فوجي اهلڪار ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ ٻن سالن دوران رٽائرڊ ٿيندڙ اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بچاءَ واري وزارت ٽنهي هٿياربند فوجن جي رٽائرڊ فوجين کي اليڪشن ڊيوٽين لاءِ طلب ڪيو آهي ۽ رٽائرڊ جوانن وٽ به مڪمل اختيار هوندا.  اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پاڪ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت بيلٽ پيپرز جي ڇپئاي ۽ پهچائڻ جو ڪم به فوج جي نگراني ۾ ڪيو ويندو ۽ پاڪ فوج جا جوان 27 جون تي پرنٽنگ پريس جي سڪيورٽي سنڀاليندا. عام چونڊن ۾ پولنگ کان 4 ڏينهن اڳ پاڪ فوج جي جوانن کي طلب ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج جا جوان پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر  مقرر هوندا جڏهن ته نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي اهلڪارن جي اضافي نفري مقرر ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے