18 اتوار , نومبر 2018

آرمي چيف طرفان بيگم ڪلثوم نواز لاءِ گلدستو موڪليو ويو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪلثوم نواز  لاءِ دعائن جي پيغام سان گڏ گل به موڪليا ۽ چيو ته الله تعاليٰ کيس جلد کان جلد مڪمل صحت عطا فرمائي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته مان ڏکي وقت ۾ بيگم ڪلثوم نواز ۽ سندس خاندان لاءِ دعاگو آهيان. بيگم ڪلثوم نواز ڪيترن ئي ڏينهن کان لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ داخل آهي. صحت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب ڪلثوم نواز کي مسلسل وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوئيٽا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، 4 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)مارگٽ ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي  ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے