16 جمعہ , نومبر 2018

روح راجسٿان جي ٿي ويو هوا

رکيل  مورائي

اردو ٻوليءَ  کي پنهنجي منفرد لهجي جي مزاح ڏيندڙ ناميارو اديب مشتاق احمد يوسفي ڪالهه هيءُ جهان ڇڏي ويو، پڪ سان اسان سڀني کي هيءُ جهان ڇڏڻو آهي پر اهي شخص سدائين زندهه رهڻا هن،  جن هن جهان کي ڪجهه ارپيو آهي، جسم فاني آهي، اهو فنا ٿيڻو آهي پر ماڻهوءَ جو ڪو به اهڙو عمل، جيڪو هن جي ذات کان ٻاهر ٻين انسانن جي ڪم اچي ٿو، اهو شخص ايستائين جيئرو آهي، جيستائين سندس عمل انسان ذات جي ڪنهن به ڪم اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان ذات زندگي آهي ۽ اها سدائين رهڻي آهي.  ازل کان ابد تائين.

هر  شخص کي پنهنجي طبعي عمر گذاري  هليو وڃڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي عمر اها ئي آهي، جيڪا هو هن جهان ۾ گذاري ٿو، ايئن مشتاق احمد يوسفي به پنهنجي ٽيانوي سال عمر گذاري  هيءُ جهان ڇڏي ويو. هن جهان ۾ سندس گذاريل ٽيانوي سال ڪيئن گذريا، اهو پوتا ميل سندس شخصي بايو ڊيٽا ۾ موجود آهي. هن هڪ شخص کان ٻاهر هڪ اديب طور جيڪي ورهيه گذاريا، اهي هن ملڪ توڻي ٻين سڀني ملڪن ۾ رهندڙ ۽ اردو ادب سان دلچسپي رکندڙ ياد رکندا.

مشتاق احمد يوسفي اردو ادب جو اهڙو نالو آهي، جنهن کي اردو ادب سدائين ياد رکندو. هن جي لکڻ جو اسلوب بنهه نرالو هئو، سندس مزاح جو انداز به نرالو هئو، جن به سندس لکڻيون پڙهيون آهن،ا هي اهڙي شاهدي ڏيئي سگهن ٿا، خاص طور سندس ڪتاب” آب گم“ کي اردو ادب ۾ جيڪا اهميت آهي، اها ٿورهن ڪتابن کي نصيب ٿي هوندي، جنهن جو مثال هن ڪتاب جو وري وري ڇپجڻ آهي،

ٻيءَ طرح اردو ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب ڏيندڙ مشتاق احمد يوسفي انهن لکندڙن مان آهي، جن کي پڙهي زندگيءَ ۾ ويساهه جاڳندو آهي، هن جي مزاح اهڙي آهي، جيڪا ڪيترن ئي مايوس ذهنن کي اداسيءَ کان ٻاهر ڪڍي اچي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿي، سندس وفات تي اردو پڙهندڙن جو هڪ وڏو انگ بيحد دکي ٿيو هوندو. انهن سان مشتاق يوسفيءَ جي وفات امداد حسيني صاحب جي هن شعر جيان هوندي.

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي،

اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.

يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جن مشتاق يوسفي کي پڙهي لطف ماڻيو هوندو،   اهي سندس وفات تي ضرور رُنا هوندا، هونئن سندس وفات اردو ادب لاءِ بيحد ڏکوئيندڙ آهي، هو اردو ادب ۾ سدائين ياد رکيو ويندو.

مشتاق احمد يوسفي راجسٿان جي ان شهر ۾ جنم ورتو، جيڪو هاڻي هن جو شهر نه آهي، هو ٽونڪ نالي شهر ۾ چوٿين سيپٽمبر اوڻيهه سئو ايڪيهن ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم راجپوتانا ۾ ورتائين، ايم اي آگرا يونيورسٽي مان ڪيائين ۽ ايل ايل بي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ هو ڪراچيءَ آيو ۽ پوءِ سدائين لاءِ ڪراچيءَ جو ٿي ويو. عمر جو اڌ حصو بينڪاريءَ  ۾ گذاريائين ۽ سمورو عرصو ادب ۾ گذاريائين، ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جنهن سبب مٿس پڻ هڪ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مضمون ۽ مقالا لکيا ويا، سندس مشهوري  ماڻيندڙ ڪتابن ۾

  1. آب گم
  2. چراغ تلي
  3. خاڪم بدهم
  4. زرگزشت
  5. منتخب يوسفي
  6. اقوال يوسفي، شامل آهن.

مشتاق احمد يوسفيءَ جي ادبي خدمتن کي ڏسندي هن ملڪ پاران کيس ڪيترن اعليٰ اعزازن سان نوازيو ويو، جن مان ستاره امتياز ۽ هلال امتياز انتهائي اهم آهن، جيڪي کيس 1999ع ۾ ڏنا ويا، ٻيءَ طرح سندس عمر ڪيترن ئي اهڙن اعزازن سان ڀريل رهي، اها عمر جيڪا هو ڪالهه  پوري ڪري ڪراچيءَ جي پٿرائين مٽيءَ ۾ پورجي ويو. اڄ راجسٿان جي وارياسي مٽي، ڪراچيءَ جي پٿرائين مٽيءَ  سان ملي هڪ ٿي وئي. اياز سچ  چيو آهي ته ..

آيو موت ته روح اڏي ويو، جسم ٿيو آزاد،

مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زندهه آباد.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي هڪ اعزاز نصيب ٿيو ته اُن جي گود ۾ هڪ اردوءَ جو اعليٰ اديب دفن ٿيو ۽ مشتاق احمد يوسفيءَ کي اهو اعزاز نصيب ٿيو ته صوفين جي ڌرتيءَ پنهنجا آخري ساهه پورا ڪيا. هيءَ اهائي ڌرتي آهي، جنهن کيس زندگيءَ  ۾ ته پناهه ڏني پر موت کانپوءِ به پنهنجي جهوليءَ ۾ جڳهه ڏني.

مشتاق يوسفي صاحب جي وفات جو جيترو ڏک اردو ادبي حلقن ۾ محسوس ڪيو ويندو، اوترو ئي سنڌي ءَ  ادبي حلقن ۾ به ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن جا پڙهندڙ اوترائي سنڌي پڙهندڙ به آهن، جيترا اردو پڙهندڙ ۽ هونئن به ٻوليون ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻينديون آهن، مشتاق يوسفيءَ اردو ٻوليءَ  وسيلي پنهنجا ڪيترائي سنڌي پڙهندڙ پيدا ڪيا، جيڪي پڻ سندس وفات جي ڏک کي محسوس ڪري رهيا آهن.

اهو قبول ڪيو  ويو آهي ته دنيا جو سمورو علم ۽ ادب  انهن ٻولين، جن ۾ اهو لکيو آهي، معرفت سڄي عالم جي گڏيل ميراث آهي. اها سڀني ماڻهن جي آهي، جيڪي به ان کي پنهنجو سمجهن ٿا، پڪ سان يوسفي صاحب جو لکيل ادب اسان جي به ميراث آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ان کي پنهنجو سمجهيو، ان کي پڙهيو ۽ ان مان گهڻو  ئي پرايو. اڄ ڪراچي هڪ اعليٰ اديب کان محروم ٿي وئي پر کيس اهو اطمينان آهي ته هو سندس جهوليءَ ۾ محفوظ آهي، فقط هن جو رُوح راجسٿان جي هوا جيان هليو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !

شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے